انور علي عباسي

انور علي عباسي: ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي ۾ شھيد ٿيندڙ انور علي ولد علي محمد عباسيءَ جو جنم 12 آگسٽ 1962ع تي ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قنبر-شھدادڪوٽ) جي هڪ ڳوٺ پکي ۾ ٿيو.انور عباسيءَ ابتدائي تعليم نئين ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪئي. انگريزي تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول وڳڻ مان حاصل ڪيائين. هن مئٽرڪ پاس ڪري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادوءَ ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي، جنھن دوران هن باقاعدي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. هو هميشه سنڌي ماڻهن کي متحد ڪرڻ ۾ ڪوشان رهندو هو. انور عباسي 1977ع ڌاري جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ۾ شامل ٿيو، 1980ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪامرس شعبي ۾ داخلا ورتائين. ان دوران هيءُ يونيورسٽيءَ جي تنظيمي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو. انور علي عباسي بي ڪام آنرس ٽئين سال جو آخري پرچو ڏئي 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي رٿيل هڪ سيمينار ’جشن لطيف‘ ۾ شرڪت لاءِ يونيورسٽيءَ جي دوستن سان گڏ وڃي رهيو هو ته مانجهند ڀرسان ٽوڙهي ڦاٽڪ واري سانحي ۾ شھيد ٿيو. انور عباسيءَ جي لاش کي رات پيٽ ۾ واپڊا ڪالوني ڄامشوري ۾ دفن ڪيو ويو. وارثن کي اها خبر ڏهن ڏينھن بعد پئي.


لفظ انور علي عباسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.08.12  عيسوي

ٽوڙهي ڦاٽڪ جي سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ انور علي ولد علي محمد عباسيءَ جو جنم 12 آگسٽ 1962ع تي ضلعي لاڙڪاڻي (هاڻوڪي قنبر-شهدادڪوٽ) جي هڪ ڳوٺ پکي ۾ ٿيو.


1984.10.17  عيسوي

انور علي عباسي بي. ڪام آنرس ٽئين سال جو آخري پرچو ڏئي 17 آڪٽوبر 1984ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشوري مان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻي جي رٿيل هڪ سيمينار ’جشن لطيف‘ ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو هو ته مانجهند ڀرسان ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ وردي پوش سرڪاري اهلڪارن بس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ انور عباسيءَ سميت ڪيترا نوجوان شهيد ٿي ويا. انور عباسيءَ جي لاش کي رات پيٽ ۾ واپڊا ڪالوني ڄامشوري ۾ دفن ڪيو ويو. وارثن کي اها خبر ڏهن ڏينهن بعد پئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عاصمه جهانگير
عالم شاهه بخاري
بادشاهه
بخشڻ خان چانڊيو
جتي ستي جمال شاهه
پهلوان شير ميربحر
رحم علي جعفري
دائود پوٽو ڊاڪٽرعمر بن محمد
رحمت خان گبول
ڪشنچند پارواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون